پهرين نومبر کان سنڌ مان غير قانوني افغانين کي ڪڍيو ويندو:نگران گھرو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گھرو وزير حارث نواز چيو آهي ته پهرين نومبرکان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍيو ويندو.
هن چيو ته 31 آڪٽوبر تائين پرڏيهين کي پاڪستان مان واپس وڃڻ جو موقعو ڏنو ويو. دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ غير قانوني ماڻهن کي رهائش جي اجازت ناهي.
نگران صوبائي وزير چيو ته منشيات اسمگلنگ روڪڻ لاءِ سنڌ بلوچستان سرحد کي سيل ڪيو ويو آهي.
حارث نواز چيو ته غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن کي ڏنل وارننگ ختم ٿيڻ ۾ 10 ڏينهن بچيا آهن، جنهن کان پوءِ پهرين نومبر کان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڊي پورٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينداسين.
سندس چوڻ هوته ڊي پورٽ بابت پوليس، انتظاميا ۽ نادرا آفيسرن تي ٻڌل ٽيم بڻائي وئي آهي. هن چيو ته ڊسمبر 2022ع تائين 530 پرڏيهي واپس ويا هئا، هن وقت 1218 پرڏيهي جيلن ۾ آهن.
نگران گھرو وزير چيو ته ڪراچي کي ڪرائم فري سٽي بڻائڻ چاهيون ٿا. ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جو انگ ٽي کان 4 لک آهي.
هن چيو ته تيل جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. سوپاري ۽ گٽڪي جي خلاف به ڪارروايون جاري آهن. زمينن تي قبضي خلاف به اسان سرگرم آهيون.
ان کانسواءِ سنڌ جي قانون واري وزير عمر سومرو چيو آهي ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. عالمي قانونن کي نظر ۾ رکندي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.