طلاق کانپوءِ سرجري ڪرايم: مٿيرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا مٿيرا پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته منهنجي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي هئي پر جڏهن طلاق ٿي وئي ته مون محسوس ڪيو ته منهنجا چپ ٺيڪ نه آهن، ان ڪري مون سرجري ڪرائي ۽ ان کانپوءِ به ڪيترائي ڀيرا سرجري ڪرائيندي رهيس.

هن چيو ته مان سمجهان ٿي ته منهنجي چپن جي سرجري ڪرائڻ سان منهنجو چهرو بدڪ جهڙو ٿي ويو هو ۽ ان جي ڪري مون کي ڊپريشن محسوس ٿي رهيو هو، مان ڊگهي وقت تائين ڊپريشن جو شڪار رهي هيس.

هن چيو ته طلاق جو اهو مطلب ناهي ته هڪ ڀيرو اهو رشتو نه هليو ته ٻيهر به نه هلندو، شادي ضرور ڪرڻ گهرجي، مون کي طلاق باوجود سمجهان ٿي ته شادي خوبصورت رشتو آهي.

هن چيو ته مرد ۽ عورت هڪ ٻئي کانسواءِ اڻپورا آهن، ٻنهي جو ميلاپ ضروري آهي ۽ شادي جهڙو ڪو رشتو ناهي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.