راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ ڪارروائي دوران چار دهشتگرد مارجي ويا جڏهن هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، اڻويهه ۽ ويهه آڪٽوبر واري رات، سيڪيورٽي فورسز لڪي مروت جي علائقي سيمو وانڊه ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر پڌرائي موجب، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۽ زخمي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا.
آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، ڊيوائس ۽ وڏي مقدار ۾ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو جڏهن ته مقامي ماڻهن شرپسند عنصرن خلاف آپريشن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو اظهار ڪيو.