ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوزوڪي پاڪستان آڪٽوبر لاءِ پنهنجي موٽر سائيڪلن جي اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اٽلس هونڊا کانپوءِ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ٻي وڏي ڪمپني پاڪ سوزوڪي آڪٽوبر 2023 لاءِ پنهنجي موٽرسائيڪلن جي اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب موجوده اگهن کي برقرار رکيو ويو آهي.
پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي کانپوءِ واهپيدارن کي اميد آهي ته ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي اگهن ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي پر پاڪ سوزوڪي آڪٽوبر لاءِ اگهن ۾ گهٽتائي نه ڪئي آهي.
پاڪ سوزوڪي جي ڊي 110 ايس جي قيمت 3 لک 35 هزار رپيا، سوزوڪي جي ايس ايڪس 125 جي قيمت 4 لک 99 هزار رپيا، سوزوڪي جي ايس 150 جي قيمت 3 لک 64 هزار رپيا، سوزوڪي جي جي ايس 150 جي قيمت 5 لک 47 هزار رپيا آهي.