غريب مرد جي زال نه بڻجنديس: انوشي اشرف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان انوشي اشرف چيو آهي ته هو ڪنهن امير مڙس جي ڳولا ۾ ناهي ۽ نه ئي ڪنهن غريب مرد جي زال بڻجي ان جي شاهاڻي زندگي جو سبب بڻجڻ لاءِ تيار آهي.

انوشي اشرف ڪجهه ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي مداحن جي سوالن جا جواب ڏنا، جتي کانئس شادي سميت طلاق بابت راءِ پڇي وئي، ڪجهه عورتن کانئس پنهنجي سس سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي تجويز به گهري.

هڪ مداح کانئس پڇيو ته عام طو تي اڪيلائپ جي مسئلي کي منهن ڏئي ويندي آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن مسئلو ڏکيو ٿي ويندو آهي، ڪا تجويز ڏيو.

انوشي اشرف کيس جواب ڏنو ته اڪيلو رهڻ ۽ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ ٻه الڳ الڳ شيون آهن ۽ هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته هو ڪنهن نه ڪنهن سان جڙيل رهي.

هن تجويز ڏني ته جيڪڏهن هو نون ماڻهن سان ملڻ جي خواهش رکي ٿي ته کين ڀلي آزمائي پر جيڪڏهن ائين پسند نٿي ڪري ته محدود ماڻهن سان رابطي ۾ رهي.

اداڪارا هڪ مداح جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هو ايتري امير ناهي جو ڪنهن غريب مرد جي زال بڻجي مڙس کي عياشي ڪرائيندي ۽ جيڪڏهن هو شادي ڪندي ته سندس مڙس کي ڪمائڻو پوندو.

هن اهو به چيو ته هو ڪنهن امير مرد جي سزال بڻجڻ به پسند نٿي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.