ملڪ رياض جي دبئي ۾ نواز شريف سان ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض دبئي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي.

ملڪ رياض ن ليگ قائد نواز شريف سان اسحاق ڊار جي پٽن جي رهائش گاهه تي ملاقات ڪئي.

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ ملڪ رياض وچ ۾ ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، ملڪ رياض نواز شريف جي ڏيهه واپسي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

نواز شريف ملڪ رياض وچ ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي بابت پڻ ڳالهه ٻول ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.