يونيورسٽي جادو ڦيڻي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري متعارف ڪرائي ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي يونيورسٽي طرفان تعليمي ميدان ۾ انوکي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، يونيورسٽي جلد هڪ نئون شعبو متعارف ڪرائڻ واري آهي.

برطانيا جي يونيورسٽي آف ايڪسيٽر ۾ ايندڙ سال جادو ڦيڻي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري پيش ڪئي ويندي.

انتظاميا موجب اهو پروگرام سيپٽمبر 2024 ۾ شروع ڪيو ويندو، هن ڪورس ۾ جادو جي تاريخ جو جائزو وٺڻ کانسواءِ، ادب، فلسفي، آثار قديما، نفسيات ۽ ٻين حوالن سان تجزيو ڪيو ويندو.

هن ڪورس جي انسٽرڪٽر پروفيسر ايميلي سيلوو يونيورسٽي جي بلاگ ۾ لکيو ته اڪيدمي جي اندر ۽ ٻاهر جادو ۾ وڌندڙ دلچسپي سماجي روين جو نتيجو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.