غزا مٽيءَ جو ڍير، 3900 فلسطيني شهيد،اسرائيلي فوج کي زميني ڪارروائي جو گرين سگنل ملي ويو

غزا ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي فوج جي غزا تي بمباريءَ جي نتيجي ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 3 هزار 900 کان وڌي ويو جڏهن ته 13 هزار 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسرائيل جي زميني فوج کي غزا ۾ ڪارروائي لاءِ گرين سگنل ڏنو ويو آهي جنهن بعد حماس جي اڳواڻ هانيا عرب ۽ مسلمان ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسرائيل طرف مارچ ڪن ته جيئن مظلوم فلسطينين کي صيهوني جارحيت کان بچايو وڃي.

ٻئي پاسي اسرائيلي فوج رفاح ۾ به گهرن تي بم وسايا جنهن ۾ 33 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته اسرائيلي جهازن الزيتون علائقي ۾ آرٿوڊوڪس چرچ کي به ميزائلن جو نشانو بڻايو جتي سوين ماڻهن پناهه ورتي آهي، چرچ ان اسپتال سان گڏ آهي جتي اسرائيلي فوج 500 فلسطينين کي شهيد ڪيو هو.

هوڏانهن اولهه ڪناري ۾ نور الشمس پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملي ۾ 12 فلسطيني شهيد ڪيا ويا جڏهن ته خان يونس علائقي ۾ بمباري سبب 7 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

جباليه پناهگيرن جي ڪيمپ تي به بمباري جاري رهي، غزا جي علائقي ڪراما ۾ 14 ماڙ الاندلس ٽاور ۽ الزهرو شهر ۾ ٽن وڏين عمارتن کي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديلي ڪيو ويو آهي.

فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته مجموعي طور تي شهيدن ۾ هڪ هزار 500 کان وڌيڪ ٻارڙا، هڪ هزار عورتون ۽ 120 پيرسن شامل آهن جڏهن ته تباهه ٿيل عمارتن جو انگ ايترو وڌيڪ آهي جو رضاڪارن لاءِ ڍيرن هيٺيان سمورن ماڻهن کي ڪڍڻ ناممڪن ٿي ويو آهي.………

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.