اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جي حڪومتي خرچ گهٽائڻ جي سخت شرط کي نظر ۾ رکندي نگران حڪومت بجيٽ خسارو ۾ لاٿ لاءِ خرچ گهٽائڻ جو وڏو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، نگرنا حڪومت هلندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام جون نيون رٿائون شروع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت صرف جاري ترقياتي منصوبن جي ئي مالي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مُلڪ جي مشڪل مالي صورتحال کي ڏسندي اِهو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل به تجويز جي حمايت ڪئي آهي.
ذريعن موجب، بجلي، گئس، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي سبسڊي ۾ صوبن کان آبادي جي حساب سان حصو وٺڻ جو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومتن جي چوڻ تي ڪڻڪ ۽ يوريا ڀاڻ درآمد ڪيو ويو ، ٽريڊنگ ڪارپوريشن جي جنسن جي درآمد جون رهتون ٻه هزار ارب رُپين کان وڌيڪ آهن ۽ صوبائي حڪومتون گذريل ڪيئي سالن کان پنهنجو حصو ادا ناهي ڪيو.
ذريعن ٻڌايو ته ترقياتي رٿائن ۽ سمورين سبسڊيز ۾ صوبن کان حصو وٺڻ لاءِ قانون تي ڪم جاري آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ناڻي واري وزارت قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ ڦيرڦار لاءِ سفارش ڪندي.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت نومبر ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين کان اڳ خرچن ۾ نمايان لاٿ چاهي ٿي ڇو ته آءِ ايم ايف قرض پروگرام تحت صوبن کي هلندڙ مالي سال ڇهه سئو ارب رُپيا سرپلس ڏيکارڻو آهي ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي مشن جيڪڏهن سفارش ڪئي ته تڏهن ئي پاڪستان کي وڌيڪ ستر ڪروڙ ڊالر ملندا.