اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڏيهه واپسي لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ( سي اي اي ) خاص جهاز کي پاڪستان اچڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، نواز شريف خليج ايئر لائين جي جهاز بوئنگ سيون ٿري ايٽ ذريعي پاڪستان پهچندو.
نواز شريف جي خاص جهاز سي اي اي کان 21 آڪٽوبر تي ساڍين ٻارنهين وڳي لينڊنگ جي اجازت طلب ڪئي هئي، سي اي اي خليجي ايئر لائين جي خاص اُڏام نمبر 4525 کي اسلام اباد هوائي اڏي تي لينڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جو خاص جهاز منجهند اڍائي وڳي اسلام آباد کان لاهور روانو ٿيندو، جهاز منجهند 3 لڳي 20 منٽن تي لاهور پهچندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تازي عدالتي فيصلن کان پوءِ نواز شريف جو اسلام آباد وارو پلان تبديل به ٿي سگهي ٿو، پلان تبديلي ۽ سڌي ريت لاهور هوائي اڏي تي آمد جي صورت ۾ سڀاڻي ٻهپريءَ تائين سي اي اي کي آگاهه ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، پلان ۾ ڦيرڦار جي صورت ۾ نئون اين او سي جاري ڪئي ويندي.