” منهنجي سهڻي جي اڄ ميچ آ“  ٽنڊولڪر جي ڌيءَ اسٽيڊيم پهچي وئي

پوني ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مهان بيٽر سچن ٽنڊولڪر جي نياڻي سارا ٽنڊولڪر اسٽيڊيم ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ميچ ڏسڻ لاءِ پهتي ته دلچسپ ميمز ٺهي ويون.

واضح رهي ته پوني ۾ کيڏيل آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 17 هين ميچ ۾ميزبان ڀارت، بنگلاديش کي 7وڪيٽن سان شڪست ڏني هئي.

ميدان ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ ڀارتي شوقين جي وڏي انگ ۾ پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ موجود هئا.

سارا ٽنڊولڪر به ڀارتي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ موجود هئي پر سندس موجودگيءَ کي ڀارتي سوشل ميڊيا واهپيدار  شُڀمَن گِل سان جوڙي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا واهپيدارن سارا ٽنڊولڪر جي موجودگي تي شُڀمَن گِل جون تصويرون شيئر ڪري رهيا آهن ۽ ڪرڪيٽر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.

هڪ وهپيدار لکيو ته ” سارا ڀاڀي اسٽينڊ ۾ موجود آهي گِل سينچري ٺاهيندو“ .

هڪ ٻئي صارف شُڀمَن گِل جي مسڪرائڻ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ” جڏهن اوهان جي محبت اوهان جي اکين جي آڏو هجي“ .

واضح رهي ته شُڀمَن گِل ۽ سارا ٽنڊولڪر جي لاڳاپن جون خبرون ڀارتي ميڊيا جي زينت بڻجي چڪيون آهن جڏهن ته ٻنهي طرفان اڃا تائين اهڙين خبرن تي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.