ورلڊ ڪپ : ويرات ڪوهلي جي شاندار سينچري، ڀارت، بنگلاديش کي مات ڏئي ڇڏي

پوني ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 17 هين ميچ ۾ميزبان ڀارت، بنگلاديش کي 7وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي.

بنگلاديش جو 257 رنسن جو هدف ڀارت 42هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل چوٿين ڪاميابي ماڻي ورتي.

ڀارت طرفان ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪيريئر جي 48 هين سينچري اسڪور ڪندي 103 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ته شُڀمَن گِل 53 ۽ روهت شرما 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪي ايل راهول 36 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو.

بنگلاديش جي مهدي حسن ميراز ٻه شڪار ڪيا جڏهن ته حسن محمود جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.

ان کان اڳ پوني جي مهارشٽرا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديشي ڪپتان نجم الحس شانتو ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

بنگلاديش پهريان کيڏيندي مقرر اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 256 رنسون ٺاهيون، لٽن داس 66 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، تنزيد حسن 51، مشفيق الرحيم 38 ۽ توحيد 16 رنسون ٺاهيون.

ڀارت طرفان جسپريت بُمرا، محمد سراج ۽ رويندر جاڙيجا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

بهترين بيٽنگ تي ويرات ڪوهلي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

ياد رهي ته ڀارت خلاف ميچ ۾ بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن جي جاءِ نجم الحسن شانتو ڪري ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.