اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا 10 اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا.
ايف بي آر موجب يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 8 ارب رپيا ادا ناهن ڪيا.
ايف بي آر جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي سيلز ٽيڪس جي سيڪشن 48 ون بي تحت نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
ايف بي آر موجب سيلز ٽيڪس رولز 71 ٽو بي تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا اڪائونٽ منجمد ڪيا پيا وڃن.
You might also like