ورلڊ ڪپ: پاڪستان جو آسٽريليا سان مقابلو، ٽيم ۾ وڏي تبديلي جو امڪان

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف ميچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ هڪ وڏي تبديلي جو امڪان آهي.

ڀارت ۾ جاري ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سڀاڻي بئنگلورو جي چناسوامي اسٽيڊيم ۾ آسٽريلوي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان هينئر تائين ٽي ميچون کيڏيون آهن، نيڌرلينڊز ۽ سريلنڪا خلاف ته گرين شرٽس کي فتح ملي پر روايتي مخالف ڀارت هٿان ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

ٻئي پاسي آسٽريليا هنيئر تائين ٽورنامينٽ ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ناهي ڏيکاريو سگهيو، ڪينگروز به ٽي ميچون کيڏيون آهن جن ۾ ٻن ۾ شڪست ۽ هڪ ۾ ڪاميابي ملي.

ذريعن موجب، سڀاڻي آسٽريليا خلاف ميچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ هڪ وڏي تبديلي جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سڀاڻي نائب ڪپتان شاداب خان کي ڊراپ ڪري ليگ اسپنر اساما مير کي شامل ڪري سگهجي ٿو.

واضح رهي ته شاداب خان ايشيا ڪپ کان هيل تائين ورلڊ ڪپ ۾سٺي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاريو سگهيو جنهن سبب مٿس تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميچ سڀاڻي هڪ ڏيڍ وڳي شروع ٿيندي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.