اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس عرفان سادات جو نالو تجويز ڪيو ويو آهي، اهو نالو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تصوير ڪيو آهي.
جڊيشل ڪميشن اجلاس چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سڀاڻي ٿيندو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت ٻن ججن جون جايون خالي آهن.
ذريعن موجب هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ طريقي ڪار تي تجويزون به طلب ڪيون ويون آهن.
اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن ميمبرن جي تجويزن تي به غور ٿيندو.
Next Post
You might also like