فلسطين معاملي تي مومنه مستحسن جو بيان، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور گلوڪارا مومنه مستحسن اسرائيلي فلسطين ڇڪتاڻ تي بيان ڏنو ته سوشل ميڊيا ڪاوڙجي پئي ۽ گلوڪارا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
مومنه مستحسن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي چيو ته آئون پنهنجي يهودي دوستن جي حياتين جي زيان تي ڏکاري آهيان، آئون فلسطين جي مسلمانن ۽ عيسائين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان، جن جن جون حياتيون روز جي بيناد تي کنسيون پيون وڃن.
گلوڪارا سوال ڪيو ته آخر وڌيڪ ڪيتريون حياتيون زيان ٿينديون؟ ظالم ۽ مظلوم طبقي کي گڏيل سزا ڏيڻ انسانيت جي خلاف آهي.
ان بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪاڙوجي پيا ۽ هنن گلوڪارا تي ڇتي تنقيد ڪندي کيس آمريڪي ماڊل بيلا حديد جو مثال ڏئي ڇڏيو جنهن سدائين ڊپ کانسواءِ فلسطين جي حمايت ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن چيو ته آمريڪي ماڊل بيلا حديد ملين ڊالرز ٻوڙي فلسطين جي لاءِ آواز اٿاريو ۽ هوءَ حق سان گڏ بيٺل آهي پر مومنه مستحسن فلسطين جي حق ۾ ان ڪري نٿي ڳالهائي سگھي ڇو جو سندس يهودي دوست ناراض ٿي ويندا.
عبدالله نالي واهپيدار چيو ته اسرائيل وڏي پئماني تي غزا تي مظلوم ماڻهن جو قتل عام ڪري رهيو آهي ۽ مومنه مستحسن ته نسل ڪشي کي نسل ڪشي به نٿي چئي سگھي.
رافع نالي واهپيدار مومنه مستحسن جو يوڪرين جي حمايت ۾ ڪيو پراڻو ٽوئيٽ پوسٽ ڪيو ۽ چيو ته آئون حيران آهيان ڇو جو جڏهن يوڪرين روس جو تڪرار هلي رهيو هو ته ان وقت مومنه رڳو يوڪرين جي جو نالو وٺي بيان ڏنو هو ۽ اڄ هو اهو بيان ڏئي رهي آهي، ان کان ڀلو هو ته اوهان چپ رهو ها.
سوشل ميڊيا واهپيدارن جي تنقيد تي ردعمل ڏيندي مومنه چيو ته آئون حيران آهيان ڇو جو آئون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته انسان حياتين جي زيان جي مذمت ڪرڻ تي مون کي پاڪستانين طرفان تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو.
هن چيو ته منهنجو مڃڻ آهي ته اسرائيلي رياست سڀني يهودين جي نمائندگي نٿي ڪري، بلڪل ائين ئي، جيئن ڀارت حڪومت سڀني هندن جي نمائندگي ناهي ڪندي ۽ پاڪستاني حڪومت سڀني مسلمانن جي نمائندگي ناهي ڪندي.
گلوڪارا چيو ته منهنجو مڃڻ آهي ته اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم انساني حياتي ۽ انسانيت جو تحفظ هجڻ گھرجي، آئون اسرائيل جي حڪومتي پاليسين جي مخالفت ڪريا ٿي.
سندس چوڻ هو ته فلسطيني عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مظلوم ۽ قبضي جي زندگي گھاري رهيو آهي، اسان کي ان نسل ڪشي کي روڪڻ جي ضرورت آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ظالم ته ڏوهاري آهي پر اسان کي اتان جي عام شهرين جي مارجڻ تي به افسوس ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.