غزا ۾ شهرين کي نشانو بڻائڻ ڪُڌو ڏوهه آهي:سعودي ولي عهد

رياض/ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادا محمد بن سلمان ۽ جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪشيدا وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو.
ٻنهي اڳواڻ وچ ۾ فلسطين ۾ فوجي ڪارروائي کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو ۽ ڇڪتاڻ گھٽائڻ ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو.
سعودي ولي عهد شهزادا محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب غزا ۾ شهرين کي نشانو بڻائڻ کي ڪُڌو ڏوههه سمجهي ٿو، اسرائيل طرفان غزا تي وحشياڻا حملا ڪيا پيا وڃن، غزا جي رهواسين کي تحفظ فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، خطي جي امن جي بحالي ۽ سلامتي جي خطرن کي روڪڻ لاءِ فوجي ڪارروايون روڪڻيون پونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.