آءِ جي سنڌ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي وارننگ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ رضاڪاراڻي طور تي هليا وڃن ته ٺيڪ نه ته منظم ڪارروايون ٿينديون.
خانگي ٽي ويل چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته سندس سربراهي ۾ موجود پوليس سيٽ کي ٿوري وقت لاءِ چونڊيو ويو آهي جنهن جو مقصد اليڪشن ڪرائڻ ۽ ان لاءِ پولنگ اسٽيشنز ۽ عملي کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي.
سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت جي سوال تي آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته آئون رڳو ٻڌو آهي ڏٺو اوهان هوندو ته صوبي جو ڪلچر ڇا آهي؟ لڳ ڀڳ 50 ڏينهن ٿي ويا آهن ڪم ڪندي، ڪنهن هڪ ڏينهن به اهڙي قسم جي صورتحال کي منهن ناهي ڏيڻو پيو ۽ ڪا به سياسي مداخلت ناهي ٿي.
ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جي ڪاررواين جي حوالي سان هن ٻڌايو ته 4 ڌاريل مارجي چڪا اهن ۽ 9 سريڊر ڪري چڪا آهن جن مان ٻه جي مٿان انعام رکيل هو جڏهن ته 12 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
رفعت مختار جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي حوالي اسان جي پهرين ڪوشش اها هئي ته ان کي ڪنٽرول ڪيو وڃي وڌڻ کان روڪيو وڃي جيتوڻيڪ اسٽريٽ ڪرائيم گھٽيو آهي پر مطمئن ناهيان، مون کي اطمينان ان وقت ٿيندو جڏهن ڪراچي ۾ هڪ به واردات نه ٿيندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ سيف سٽي پروگرام جي حوالي سان آگسٽ ۾ حڪومت بجيٽ منظور ڪري ورتو آهي.
پرڏيهين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته جيڪي رضاڪاراڻي طور تي هليا ويندا ته ٺيڪ نه ته ايڪشن ٿيندو، حڪومت طرفان واضح هدايتون اچي ويون آهن ۽ انتهائي منظم ڪارروايون ڪيون وينديون.
هن ٻڌايو ته رڳو افغاني نه پر بنگالي، برمي ۽ ٻين قومن جا ماڻهو به غير قانوني طور رهي رهيا آهن.ط

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.