آسٽريليا خلاف اساما ۽ شاداب مان ڪير کيڏندو ؟ اهم خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف ايندڙ اهم مقابلي کان اڳ پاڪستاني ٽيم ۾ ڦيرڦار جون خبرون سامهون آيون آهن.

نجي ٽي وي چئنل  ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته  پاڪستان جا سمورا رانديگر صحتياب ٿي ويا آهن، شاهين آفريدي ۽  عبدالله شفيق جو پريڪٽس کان اڳ ٽمپريچر چيڪ ڪيو ويو،  پاڪستان لاءِ سٺيون خبرون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو گهڻو امڪان آهي ته ايندڙ ميچ ۾ شاداب خان کي ڊراپ ڪري سگهجي ٿو ڇو ته سندس ڪارڪردگي سٺي ناهي.

ذريعن موجب، آسٽريليا خلاف اهم مقابلي ۾ شاداب خان جي جاءِ تي ليگ اسپنر اساما مير کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.