سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ وڏي تبديلين جون تجويزون، پاڪستان فوج آجي قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت طرفان سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ وڏين تبديلين جو تجويزون سامهون آيون آهن پر پاڪ فوج جا ملازم آجا هوندا.
ذريعن موجب سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ تبديلين بابت تجويزن جي سمري ناڻي واري وزارت وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي.
پينشن جي موجوده فارلومي تحٽ ڪنهن به سرڪاري ملازم جي حاصل ڪيل آخري پگهار موجب پينشن جمع ڪئي ويندي آهي پر هن سمري ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ملازمن جي آخري پگهار بدران آخري ٽن سالن جي پگهارن جي بنياد تي پينشن کي گڏ ڪيو ويندو.
تجويز آهي ته سرڪاري ملازمن کي رٽائرمينٽ وقت 35 بدران 25 سيڪڙو رقم هڪ ئي وقت ۽ باقي 75 سيڪڙو رقم ماهوار قسطن ۾ ادا ڪئي وڃي.
ان کانسواءِ سرڪاري ملازم جي پينشن کي ٽين سطح، جيئن غير شادي شده، طلاق يافته يا بيواهه ڌيءَ کي سڄي عمر بدران رڳو 10 سالن تائين ڏيڻ جي به تجويز آهي.
رپورٽ موجب شهيدن جي خاندانن لاءِ اها حد 20 سال ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.