مشهور ٽڪ ٽاڪر ڊولي جو بينڪ اڪائونٽ منجمد

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ريونيو اٿارٽي مشهور ٽڪ ٽاڪر نوشين سعيد عرف ڊولي جي ٽيڪس چوري ۾ ملوث هجڻ تي سندس بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيو.
ٽڪ ٽاڪر نوشين سعيد جا سوشل ميڊيا جي مختلف ويب سائيٽس تي ڊولي جي نالي سان اڪائونٽ آهن ۽ هوءَ انهيءَ نالي سان ئي سوسل ميڊيا تي سڃاتي ويندي آهي.
نوشين عرف ڊولي 16 ملين ٽيڪس ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جنهن جي ڪري پنجاب ريونيو اٿارٽي ٽڪ ٽاڪر جي بينڪ اڪائونٽ کي منجمد ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب ڊولي پنهنجي بيوٽي سيلون جي انڪم ٽيڪس جي رهتن جي ادائگي ناهي ڪئي جنهن جي ڪري هن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
پنجاب ريونيو اٿارٽي ٽڪ ٽاڪر جي بينڪ اڪائونٽ کي منجمد ڪندي 4.4 ملين رپين جي ٽيڪس وصولي به ڪئي جڏهن ته ٻي ٽيڪس جي وصولي لاءِ ٽڪ ٽاڪر جي پراپرٽي سوڌو ٻين اڪائونٽس جي خلاف به ڪارروائي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
پنجاب ريونيو اٿارٽي موجب نوشين عرف ڊولي کي ٽيڪس ادائگي لاءِ هر هر ياد ڏياريو ويو جنهن جو جواب نه ملڻ تي سندس بينڪ اڪائونٽ کي منجمد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.