غزا جي اسپتال تي حملو، فاطما ڀٽو جي غلط رپورٽنگ تي ڇتي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستان اديبا، سماجي ڪارڪن، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطما ڀٽو غزا جي اسپتال تي حملي جي ڪوريج تي آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ فاطما ڀٽو جو چوڻ هو ته سي اين اين کي چڱي طرح خبر آهي ته اسپتال ڪنهن راڪيٽ جي ڌماڪي سان تباهه ناهي ٿي ڇو جو حماس وٽ اهڙو ڪو به راڪيٽ ناهي جيڪو 500 ماڻهن کي ماري.
فاطما ڀٽو جو چوڻ هو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪيو آهي جنهن کي سي اين اين لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهڙيءَ طرح نسل کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪندي ڏيکارڻ برداشت کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي.
هڪ ٻي پوسٽ ۾ سندس چوڻ هو ته اسرائيل جي ان ڪوڙي دعويٰ تي غور ڪري وقت زيان نه ڪرڻ گھرجي ته ان غزا جي اسپتال تي حملو ناهي ڪيو، اهو ان جو ئي ڪم آهي، هڪ هفتي کان اسرائيل طبي مرڪزن تي حملا ڪري رهيو آهي، اهو اهو ئي آهي جنهن وٽ هڪ حملي ۾ هڪ هزار تائين ماڻهو مارڻ جي صلاحيت آهي، اها وڏي پئماني تي جنگي ڏوهن تان ڌيان هٽائڻ جي حڪمت عملي آهي.
فاطما ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڌيان مرندڙن، زخمين ۽ نسل ڪشي تي هجڻ گھرجي. اسرائيل کي ڪير فنڊ ڏيندو آهي؟ هٿيار ڪير ڏيندو آهي؟ ان قتل عام کان پوءِ هاڻي ان جو دفاع ڪير ڪري رهيو آيه؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.