هڪ شخص جي واپسي لاءِ چونڊن، جمهوريت ۽ آئين کي روڪيو ويو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن لاءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي اليڪشن ڪميشن کان فوري طور چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تعزيتي جلسو ٿيو، جيڪو فلسطين جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ شهيدن کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، اڄوڪو ڏينهن فلسطينين سان يڪجهتي طور به ملهائي رهيا آهيون، فلسطينين کي اسان سلام پيش ڪيون ٿا، فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستاني عوام توهان سان گڏ آهي، نگران وزيراعظم رڳو اسان جو نه فلسطين جو به نمائندو آهي، کيس آواز اٿارڻو پوندو.
هن چيو ته بينظير ڀٽو پنهنجي عوام کي آزادي ڏيارڻ آئي هئي، عوام بي بي پرجوش آجيان ڪري دهشتگردي کي رد ڪري ڇڏيو هو، پ پ نظريي ۽ منشور خاطر شهادتون قبول ڪيون، پ پ جهڙا بهادر جيالا ٻي ڪنهن جماعت ۾ ناهن.
سندس چوڻ هو ته اڄ اسان جي ملڪ کي قومي اتحاد جي ضرورت آهي، نفرت، ورهاست ۽ گار گند جي سياست ڇڏڻي پوندي، پراڻي سياست ۽ روايتن کي ڇڏڻو پوندو، اڄوڪي پاڪستان کي نئين سوچ ۽ نئين قيادت جي ضرورت آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن ۾ هر هر دير ووٽ جي عزت نه بي عزتي آ، هڪ شخص جي واپسي لاءِ چونڊن، جمهوريت ۽ آئين کي روڪيو ويو، عوام پنهنجي تياري ڪري، پ پ چونڊن لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.