فرگوسن ۽ سينٽنر جي شاندار بالنگ، نيوزيلينڊ، افغانستان کي هارائي مسلسل چوٿين ڪاميابي ماڻي ورتي

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 16 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ، افغانستان کي 149 رنسن تان هارائي ڇڏيو.

نيوزيلينڊ جي 289 رنسن جي جواب ۾ افغانستان جي پوري ٽيم 35 هين اوور ۾ 139 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

افغانستان طرفان رحمت شاهه 36 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته عظمت الله عمر زئي 27، اڪرم الخيل 18 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ جي ليوڪي فرگوسن ۽ مچل سينٽنر شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 3،3 وڪيٽون حاصل ڪيون، ٽرينٽ بولٽ ٻه شڪار ڪيا جڏهن ته مئٽ هينري ۽ راچن رويندرا جي حصي ۾هڪ، هڪ وڪيٽ آئي

ان کان اڳ چنائي جي ايم اي چدمبرم اسٽيڊيم چيپوڪ ۾ افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.

نيوزيليڊ پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهيون، گلين فلپس 71 ۽ ٽاپ ليٿم 68 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، وِل ينگ 54 ۽ راچن رويندرا 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

افغانستان طرفان نوين الحق ۽ عظمت الله ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته راشد خان ۽ مجيب الرحمان هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

شاندار بيٽنگ پرفارمنس تي گلين فلپس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.