دنيا جو سڀ کان وڌيڪ تِکو نئون مرچ

گنيز ورلڊ رڪارڊز پنهنجي اعلان ۾ ٻڌايو آهي ته هڪ ڏهاڪي تائين دنيا جي تيز ترين مرچ ”ڪيرولائناريپر“ جي جاءِ هاڻي ”پيپرايڪس“ والاري ورتي آهي.
پيپرايڪس دنيا جو سڀ کان وڌيڪ تِکي مرچ طور سامهون آيو آهي.
مرچ جي تِکاڻ جي ماپ اسڪوول اسڪيل تي ڪئي ويندي آهي جنهن کي 1912ع ۾ فارماسسٽ ولبر اسڪوول قائم ڪيو هو. اهو ماپو مرچ جي بنيادي جُز ڪيپسيسين جي ماپ ڪندو جيڪو مرچ کي تِکو بڻائيندو آهي.
گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب ڪيپسيسن انساني ٽشوز سان رابطي ۾ اچڻ تي جلن جو سبب بڻبو آهي.
پيپرايڪس اسڪوول اسڪيل تي 2.69 ميٽر هيٽ يونٽس جي ماپ ڪندو آهي. آگسٽ ۾ ڏکڻ ڪيرولائنا جي ونٿرپ يونيورستي ۾ ڪيل ليبارٽري ٽيسٽن مان خبر پئي ته اهو ڪيرولائنا ريپر مرچ کي 10 لک يونٽس کان وڌيڪ پوئتي ڇڏي رهيو آهي.
پيپر ايڪس ۽ ڪيرولائنا ريپر ٻنهي کي مشهور برينڊر تيار ڪيو هو جنهن جو نالو ايڊ ڪِري هو.
دنيا جا تيز ترين مرچ بڻائڻ لاءِ ايڊ ڪِري ڪيرولائنا ريپر کي هڪ مرچ سان گڏ بريڊ ڪيو جيڪو کيس سندس دوست مشي گن مان موڪليو هو ۽ اهو به گھڻو تيز هو.
پيپر ايڪس جي رڪارڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو يوو ته ايڊ ڪِري سوڌو رڳو پنجن ماڻهن ان جو ذائقو چکيو هو.
پيپر ايڪس جو انڪشاف مشهور يوٽيوب شو ”هاٽ ونز“ ۾ ڪيو ويو هو.
واهپيدار واپاري طور تي وڪرو ٿيندڙ ڇٽڻي جي شڪل ۾ پيپرايڪس جي آزمائش ڪري سگھندا.
ماضي جي تجربي سبب ايڊ ڪِري پنهنجي ملڪيت تحت پيپرايڪس جي شدت کان حفاظت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. تنهنڪري هو ان جا ٻج عوامي طور تي جاري نه ڪندو.
مرچ کائڻ جي 3 ڪلاڪن کان پوءِ ايڊ ڪِري کي مرچ جي شدت محسوس ٿي ۽ انهيءَ ڪري کيس هن ”شديد سور“ کي منهن ڏنو هو. هن چيو ته هن جو سور زرائيگان نه ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.