ويرات ڪوهلي ورلڊ ڪپ ۾ اَپ سيٽ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

پوني ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بهترين بيٽر ويرات ڪوهلي ورلڊ ڪپ ۾ اَپ سيٽ ٿيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ هنيئر تائين ٻه وڏا اَپ سيٽ ٿي چڪا آهن، پهريان افغانستان دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي شڪست ڏئي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو ۽ گذريل ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي نيڌرلينڊز هٿان اَپ سيٽ شڪست ٿي.

ڀارتي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي چوٿين ميچ سڀاڻي بنگلاديش خلاف کيڏندي، ميچ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي وڏين ٽيمن جي اَپ سيٽ جو سبب بيان ڪيو.

هن چيو ته عالمي ڪپ ۾ وڏين ٽيمن تي ڌيان کتل هئڻ ننڍي ٽيمن هٿان شڪست جو سبب آهي.

ويرات ڪوهلي چيو ته اسان کي گهرجي ته سڀني ٽيمن تي هڪ جيترو ڌيان ڏنو وڃي، عالمي ڪپ ۾ ڪا به ننڍي ٽيم نه آهي سڀ برابر جون ٽيمون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.