يهودين جو پراڻو خواب پورو، اسرائيل جو وڏو منصوبو سامهون اچي ويو

حماس جي اسرائيل تي راڪيٽ حملن کانپوءِ اسرائيل آپي مان نڪري ويو ۽ ان جون ظالماڻيون ڪارروائيون جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
اسرائيل تازو غزا جي اسپتال تي فضائي حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 500 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، پاڪستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ اسرائيل جي اهڙي غير انساني عمل جي مذمت ڪري رهيا آهن پر اسرائيل پنهنجون ڪارروائيون جاري رکيو پيو اچي.
فلسطينين کي جيت جيوڙا نٿو چئي سگهجي، اهي تيل جي دولت سان مالا مال ناهن پر انهن هر هر ثابت ڪيو آهي ته اهي تمام مضبوط آهن، انهن 7 آڪٽوبر تي جيڪو ڪيو، ان دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو.
اسرائيل وٽ نيتن ياهو طرفان ڏنل انتقام وٺڻ جي ڌمڪي کي عملي جامو پهرائڻ ۽ اهڙي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ وڏي قوت موجود آهي، جيڪا وچ اوڀر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندي.
وچ اوڀر جو اهو نئون نقشو ڇا ٿي سگهي ٿو؟ حقيقت ۾ اسرائيل غزا، اولهه ڪناري ۽ گولان جي جبلن کي ضم ڪري ڇڏيندو (اسرائيل اڳ ئي گولان جي جبلن تي قبضو ڪري چڪو آهي، توڙي جو ان قدم کي عالمي حمايت حاصل نه ٿي).
ائين هڪ گريٽر اسرائيل جڙي ويندو، جنهن جو خواب يهودين سدائين ڏٺو آهي.
نيتن ياهو ڪيترائي ڀيرا اعلان ڪيو آهي ته ٻه رياستي حل هاڻ ناڪارا ٿي چڪو آهي ۽ اولهه ڪناري تي ڪڏهن به فلسطيني رياست نه ٺهندي، هاڻ نيتن ياهو 3 لک ريزور فوجين کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ امڪاني طور تي هو فلسطينين جي نسل ڪشي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.