بابر اعظم دليري سان کيڏندو ته پاڪستان کي فائدو ٿيندو: گوتم گمڀير

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر گوتم گمڀير قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي بيٽنگ انداز تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڀارتي اوپنر گوتم گمڀير چيو ته هو سمجهي ٿو ته بابر اعظم کي پنهنجي شخصيت، راند جي انداز ۽ سڀ کان اهم پنهنجي ذهنيت کي بدلائڻو پوندو.

هن چيوته پاڪستاني بيٽرز جي سدائين کان اٽيڪ ڪرڻ جي تاريخ رهي آهي، عمران خان نذير، شاهد آفريدي، سعيد انور، عامر سهيل شروع کان ئي مخالف ٽيمن خلاف جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندا هئا، کيس ون ڊائون پوزيشن تي انهن رانديگرن جيان ئي ذميواري کڻڻي پوندي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ٽيم ائين ئي کيڏندي آهي جيئن ڪپتان کيڏندو آهي، بابر اعظم ۽ روهت شرما ٻنهي ففٽيون اسڪور ڪيون، هڪ پنجاهه رنسون ٺاهيون ٻئي اسي رنسون ٺاهيون ڪنهن سينچري اسڪور نه ڪئي پر فرق صرف کيڏڻ جو انداز جو هو.

گوتم گمڀير چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ٽارگيٽ چيز ڪري رهيو هجي ها ته سندس ذهنيت رڳو ميچ کٽڻ تي هجي پوءِ 35 يا 40 اوورز ئي ڇو نه کيڏڻا پون، هن چيو جيستائين ڪپتان دلير نه ٿيندو ٽيم پرفارم نه ڪري سگهندي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪپتان دفاعي هوندوته ٽيم به دفاعي هوندي، اوهان ڪمري ۾ موجود ڏهن رانديگرن کي ائين نٿا چئي سگهون ته اوهان هاڪاري ڪرڪيٽ کيڏو پر مان هڪ اينڊ سنڀالي رکندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.