آمريڪا انڌي جانبداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي: حماس

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزا جي الاهلي اسپتال تي اسرائيلي فوج جي حملي جي حوالي سان آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي.
آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيل جي دوري تي تل ابيب پهتل آهي جتي هن اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
آمريڪي صدر نيتن ياهو سان ڳالهائيندي غزا جي اسپتال تي حملي جي ذميواري فلسطيني گروپ تي مڙهي ڇڏي ۽ چيو ته غزا جي اسپتال تي حملو ظاهري طور اوهان نه ٻي ٽيم ڪيو پر آمريڪي صدر ان حوالي ڪنهن به ثبوت جو ذڪر ناهي ڪيو.
ان حوالي سان حماس بيان جاري ڪيو آهي.حماس جي ترجمان موجب آمريڪا اسرائيل جي حمايت ۾ انڌي جانبداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.