ماءُ پُٽ ڄڻيندي يا ڌيءَ؟ اولاد جي اڳڪٿي ڪرائيندڙ نشانيون

اولاد الله تعاليٰ جو بهترين تحفو آهي، اولاد جي نعمت کان وڌ ڪا به نعمت ناهي هوندي، جڏهن به ڪا عورت ڳورهاري ٿيندي آهي ته ان عورت سميت سندس گهرڀاتي هر ڏينهن هڪ هڪ ڪري ڳڻندا ۽ نئين ايندڙ مهمان جو انتظار ڪندا آهن. سڀ ڪنهن جي خواهش الڳ الڳ هوندي آهي پر پيٽ ۾ پُٽ آهي يا ڌيءَ اهو تجسس به تقريبن هر ماءُ پيءُ ۽ انهن جي والدين کي ضرور هوندو آهي، اهڙي ئي حوالي سان ڇوڪرِي توڙي ڇوڪرَي جي لاءِ ڪپڙا تيار ڪرڻ سميت خوبصورت نالا پڻ ڳوليا ويندا آهن. هونئن ته ڄمندڙ ٻار ڇوڪرو هوندو يا ڇوڪري اهو ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ ئي خبر پوندي آهي پر جديد سهولتن جي ڪري ڊاڪٽر ڪجهه نشانيون ضرور ٻڌائيندا آهن جن مان ڌيءَ يا پُٽ جو اندازو لڳائي سگهبو آهي. پر اهڙا اندازا اڄ جا ناهن، آڳاٽي دور ۾ به وڏڙا يا ٻڌڙيون عورتون ڳورهاري عورتن جي پيٽ ۾ ڌيءَ يا پُٽ هجڻ جي اڳڪٿيون ڪنديون هيون، سڀ ڪنهن جا پنهنجا ذاتي تجربا ٿي سگهن ٿا تنهن هوندي به ڪجهه عام ڳالهيون ضرور آهن جن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ڪا به ماءُ پُٽ ڄڻيندي يا ڌيءَ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.