معصوم ٻار دستي بم کي رانديڪو سمجهي کيڏي رهيا هئا ته زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو!

خضدار (ويب ڊيسڪ) خضدار ۾ ٻارن جي هٿن ۾ دستي بم ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا.
اهو افسوسناڪ واقعو وڍ تعلقي ۾ پيش آيو، جتي ٻار گهرن مان نڪتا ته کين ٻاهر دستي بم پيل نظر آيو، معصوم ٻارن ان کي رانديڪو سمجهي کيڏڻ لڳا.
هڪٻئي کي ڪيچ ڪرائيندي دستي بم زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.