ايڊم زمپا پاڪستاني بيٽرز لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي اسپنر ايڊم زمپا پاڪستان خلاف اهم ميچ کان اڳ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.

آسٽريلوي ليگ اسپنر ايڊم زمپا سومر جي ڏينهن ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف پنهنجي ڪارڪردگي کي اهميت نه ڏني.

زمپا چيو ته هو گهڻو سٺو محسوس ناهي ڪري رهيو، گذريل ڪجهه ڏينهن کان چيلهه ۾ تڪليف سبب پريشاني هئي، ان باوجود مُلڪ لاءِ ميچون کيڏيون.

هن چيو ته جڏهن به بهتر محسوس ڪيو آهي بهتر بالنگ ڪئي آهي، مان ڄاڻان ٿو ته پنهنجي صلاحيتن سان انصاف ناهيان ڪري رهيو پر اڄ نتيجو سٺو رهيو.

ايڊم زمپا وڌيڪ چيو ته اسان جو ايندڙ ميچ پاڪستان سان آهي ۽ سخت مقابلو ٿيڻ وارو آهي، سٺي پرفارمنس ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.