اسپين به اسرائيلي ظلمن جي مخالفت ڪري ڇڏي

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ ٿيل اسرائيلي بربريت تي اسپين تي اسپين به آواز اٿاريندي اسرائيلي ڪاررواين کي جنگي ڏوهه ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابر اداري جي رپورٽ موجب اسپين جي سماجي انصاف بابت وزير ايون بليرا چيو آهي ته اسرائيل منصوبابندي تحت مظلوم فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.
سماجي حقن جي نائب هسپانوي وزير ايون بليرا جو چوڻ هو ته اسرائيل جي فلسطيني شهرين تي بمباري ۽ کين گڏيل طور سزا ڏيڻ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ اها ”جنگي ڏوهه“ آهي.
هن چيو ته اسرائيل غزا ۾ ”منصوبابند نسل ڪشي“ ڪري رهيو آهي وزيراعظم نيتن ياهو جي خلاف عالمي فوجداري عدالت ۾ ان بنياد تي ڪيس هلائڻ گھرجي ته هن جنگي ڏوهه ڪيو آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ بليرا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطينين جي هيانءُ ڏاريندڙ منظرن مون کي سخت ڌچڪو لڳايو آهي ”اسرائيلي رياست غزا ۾ منصوبابند نسل ڪشي ڪري رهي آهي“.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ يورپي يونين نه رڳو اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن پر اسرائيل جي نسل پرستاني پاليسي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ رياست جي حمايت ڪندا آهن.
ايون بليرا حڪومت قائم ڪرڻ جي ذميواري سونپلي سوشلسٽ ورڪرز پارٽي کي اپيل ڪئي آهي ته هو نيتن ياهو جي جنگي ڏوهن جي جاچ لاءِ آءِ سي جي کي درخواست ڏيڻ تي گڏجي ڪم ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.