برطانوي گھرو وزير پاڪستانين کان معافي وٺي، جمائما جو مطالبو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ پاڪستانين تي ڪوڙو الزام لڳائڻ تي برطانوي گھرو وزير کان معافي وٺن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
جمائما جو چوڻ هو ته برطانوي گھرو وزير سويلا بريورمين کي پاڪستانين تي برطانيا ۾ جنسي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو بي بنياد الزام لڳائڻ تي معافي وٺڻ گھرجي.
هن سوشل ميڊيا تي لکيو ته گھرو وزير سويلا بريورمين کي پنهنجي ان دعويٰ تي معافي وٺڻ گھرجي ته برطانيا ۾ ٻارن جو جنسي استحصال ڪندڙ گرومنگ گينگز گھڻو ڪري پاڪستان ڄاول برطانوي مرد هلائيندا آهن ڇو جو ميڊيا ريگوليٽر فيصلو ڏنو آهي ته سندس اهو بيان بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهي.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ميڊيا ريگوليٽر ۽ هوم آفيس جي پنهنجي تحقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته برطانيا ۾ جنسي ڏوهن ۾ ملوث گھڻا ماڻهو اڇي نسل جا آهن.
جمائما پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ لکيو ته پر ظاهر آهي ته سويلا بريورمين ائين نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.