ڀارت جي فتح تي اسرائيل جو جشن، پاڪستان تي ٺٺول

قومي ڪرڪيٽر محمد رضوان جو ٽوئيٽ اسرائيل کان برداشت نه ٿي سگهيو، پاڪستان جي شڪست تي يهودي رياست ٽوئيٽ ڪري خوشي جو اظهار ڪيو.
غزا ۾ اسرائيلي ظلمن جو شڪار بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهي جي اظهار لاءِ قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ٽوئيٽ ڪيو هو، هن سريلنڪا خلاف پنهنجي اننگز فلسطينين نالي ڪئي هئي، جيڪا ڳالهه اسرائيل کي نه وڻي.
ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان پاڪستان کي شڪست تي اسرائيل جي سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ٽوئيٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪاميابي جو جشن ملهائيندي خوشي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي حڪومت جي آفيشل ”ايڪس“ اڪائونٽ تان احمدآباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ کانپوءِ پيغام جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ محمد رضوان لاءِ طنز به موجود هو.

سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ڪرائوڊ ۾ موجود ڀارتي مداح جي تصوير تي ردعمل ڏنو ويو آهي، جنهن ميچ دوران اسرائيل جي حمايت جي اظهار لاءِ پوسٽر کنيو هو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسرائيلي حڪومت لکيو ته اسان ڀارتي دوستن طرفان اسرائيل سان يڪجهتي جي اظهار تي متاثر ٿيا آهيون، خوشي آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت پاڪستان خلاف فتح حاصل ڪئي ۽ پاڪستان کي پنهنجي فتح حماس جي دهشتگردن جي نالي ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.