غزا اسرائيلين لاءِ قبرستان ثابت ٿيندو: ايران وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جو غزا ۾ ظلم جو سلسلو بند نه ٿيو ته ان جو نتيجو آمريڪا کي به ڀوڳڻو پوندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان چيو آهي ته جيڪڏهن غزا جي جنگ هڪ وڏي تڪرار ڏانهن وئي ته آمريڪا کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته اسان اسرائيلي حڪومت کي پنهنجي اتحادين ذريعي اهو پيغام پهچايو آهي ته جيڪڏهن اهي غزا ۾ پنهنجا ظلم بند نٿا ڪن ته ايران رڳو مبصر نٿو رهي سگهي، ڇو ته جيڪڏهن غزا جنگ جو دائرو وڌندو ته آمريڪا کي به نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ عام شهرين جون شهادتون ختم نه ٿيون ته جنگ وڌي ويندي، ان ڳالهه جو چٽو امڪان آهي ته هاڻ جنگ وڌندي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ۽ اسرائيل زميني ڪارروائي شروع ڪئي ته غزا اسرائيلين لاءِ قبرستان ثابت ٿيندو.
امير عبداللهيان چيو جيڪڏهن غزا تي اسرائيلي حملا جاري رهيا ته تڪرار وڌڻ جو خطرو آهي ۽ ڪيترائي ملڪ ان ويڙهه ۾ شامل ٿيندا، ايران جنگي ڏوهه روڪڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ فلسطيني قوم جي حمايت ۾ پنهنجي اصولن کان پوئتي نه هٽندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.