رونالڊو جي گول ڪرڻ کان اڳ ”بسم الله“ پڙهڻ جي وڊيو وائرل

پرتگالي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي ”بسم الله“ پڙهڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
يورو 2024 جي ڪواليفائرز جي گروپ جي ۾ سلواڪيا خلاف ميچ ۾ رونالڊو پرتگال جي قيادت ڪئي، ميچ جڏهن پينلٽي ڪڪ جي فيصلائتي مرحلي ۾ پهتي ته رانديگر طرفان ”بسم الله“ پڙهڻ ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويو.
ڪرسٽيانو رونالڊو جي ان پينلٽي ڪڪ سان سندس ٽيم پرتگال 2-3 تان فتح حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.
رونالڊو جي اها وڊيو ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي.

واضح رهي ته سعودي پرو ليگ ۾ النصر ڪلب جي قيادت ڪندڙ اسٽار فٽبالر جي ان کان اڳ سجدي ۽ سلام ڪرڻ جي وڊيو به وائرل ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.