ڪوٽڙي ۾ پوليس جي وڏي ڪاروائي، ست ڏوهاري گرفتار، ٽي ڪارون ۽ 35 لک رپيا هٿ

ڪوٽڙي ۾ سي آءِ اي پوليس وڏي ڪاروائي ڪندي چوري ٿيل ٽي ڪارون ۽ ڦر ڪيل پنجٽيهه لک رپيا بازياب ڪرائي ورتا
ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪار لفٽر گينگ جي بين الصوبائي گروهه توڙي ڪڻڪ جي ٽرڪ ڦريندڙ ست جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي
هن چيو ته جوابدارن وٽان چوري ٿيل ٽي ڪارون هٿ ڪيون آهن ۽ پنجٽيهه لک رپيا روڪ رقم به رڪور ڪئي وئي آهي.
ايس ايو ٽي
صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي چيو ته ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.