فلسطين ۾ اسرائيل بربريت خلاف وارهه ۽ پني عاقل ۾ احتجاجي مظاهرا

فلسطيني عوام تي اسرائيلي بمباري خلاف وارهه، پني عاقل ۽ ٻين جاين تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
وارهه ۾ شهرين ايڊووڪيٽ اياز کهاوڙ، جيڪال ڪلهوڙ، امداد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي
پني عاقل ۾ شاگردن عبدالعزيز پبلڪ لائبريري کان ريلي ڪڍي احتجاج مارچ ڪيو، آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسرائيل انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندي مظلوم فلسطيني عوام تي بمباري ڪري بيگناهه عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو رت وهائي رهيو آهي.
هنن چيو ته اهڙي ظلم کي روڪڻ بدران آمريڪا ۽ سندس جا ٻيا حامي ملڪ اسرائيل جي مدد ڪري رهيا آهن، فلسطين ۾ ظلم برداشت نه ڪيا ويندا.
مظاهرين گڏيل قومن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺي مظلوم فلسطينين سان انصاف ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.