ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ مختلف کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين سرڪاري ملازمتن تي پابندي لڳائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت عاليا جي سنگل بئنچ ايم ڪيو ايم جي درخواست وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪيس جي جزوي ٻڌڻي اڳ هڪ بئنچ ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري ڪيس قائم مقام چيف جسٽس کي موڪلي ٿا ڇڏيون.
عدالت درخواست اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪندي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي تي پابندي ۾ به واڌ ڪري ڇڏي.
You might also like