ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن جو سلسلو نه بيهجي سگهيو، تازي واردات ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو ترجمان ڪرم الله وقاصي نشانو بڻجي ويو.
ڪراچي جي ميئر جو ترجمان ڪرم الله وقاصي به اسٽريٽ ڪرمنلز جي نشاني تي اچي ويو، ڪرم الله وقاصي کان رقم ۽ لکين رپين جي ماليت جي موبائل فون ڦري وئي.
واقعو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو، جڏهن مرتضيٰ وهاب جو ترجمان لياري ۾ پ پ جي جلسي ۾ شرڪت کانپوءِ واپس وڃي رهيو هو، ٻه موٽر سائيڪل سوارن کارادر ڀرسان ڪرم الله کي روڪيو ۽ کانئس ڦرلٽ ڪئي.
You might also like