حڪومت سرڪاري ملازمن جو وڏو فائدو بند ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي ادائيگي جي بل جو وڌندڙ بار گهٽائڻ لاءِ پينشن اسڪيم 2023ع ۾ وڏيون ترميمون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ريٽائرڊ ملازمن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فيملي پينشن جو مدو 10 سالن تائين مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به اهل رٽائرڊ ملازم جو ٻار معذور ٿي وڃي ته ان کي اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ فيملي پينشن ملندي.

ناڻي واري وزارت سمري منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

ميڊيا کي مليل سمري جي ڪاپي موجب سمري ۾ چيو ويو آهي ته پينشن بل ناقابل برداشت ٿي ويو آهي. پي اينڊ پينشن ڪميشن 2020ع ۾ پنهنجون سفارشون ڏنيون، جنهن مطابق پينشن اسڪيم ۾ ترميمون تجويز ڪيون پيون وڃن، ريٽائرمينٽ تي سندن پينشن جو حساب ست سيڪڙو پينشن تي ٻڌل هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.