آسٽريلين ڪانسيپٽ انفرٽيلٽي ميڊيڪل ڪلينڪ جو دورو

غربت ۽ تعليم گهٽتائي جي ڪري سماجي ۽ معاشي مسئلا وڏي رهيا آهن

تحرير: ماريا اسماعيل

دنيا ۾ غربت ۽ تعليم جي اڻاٺ تي شعور جي کوٽ سبب ڪيترائي سماجي ۽ معاشي مسئلا وڌي ويا آهن، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، جن ۾ ڇوڪرين جي تڪڙي شادي به اسان جي ملڪ ۾ تمام وڏو مسئلو آهي، جڏهن ته شاديءَ کان پوءِ ٻار پيدا ٿيڻ به وڌيڪ سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن سبب حالتون تمام گهڻيون خوفناڪ صورت اختيار ڪري چڪيون آهن ۽ حالتن تي ظابطو آڻڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي ڪوششون جاري آهن، جنهن ۾ چاليهه سيڪڙو ڪاميابي پڻ ملي چڪي آهي، حيران ڪندڙ ڳالهه اِها آهي ته انهن جوڙن لاءِ، جيڪي اولاد ٿيڻ کان نااميد ٿي ويا آهن، پر موجوده دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ هر مشڪل آسان ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان ڪوششون جاري آهن.
ان ڏس ۾ ڪجهه عورت صحافين آسٽريلين ڪانسيپٽ انفرٽيلٽي ميڊيڪل ڪلينڪ جو دورو ڪيو، جتي هنن سي ايِ او عامر سجاد سان ملاقات ڪئي.


ملاقات دوران عامر سجاد عورت صحافين کي ٻڌايو ته گذريل 25 سالن کان سندس تنظيم مٿي ڄاڻايل اهم مسئلي تي مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
هن چيو ته سندس تنظيم جون 16 برانچون مختلف هنڌن تي قائم ڪيون ويون آهن، جتي مفت صلاح مشورا ڏنا ويندا آهن، مردن ۽ عورتن جون الڳ الڳ ٽيسٽون ڪيون وينديون آهن، ڪڏهن مرد ۾ ۽ ڪڏهن عورت ۾ ڪو عيب نظر ايندو آهي.
عامر سجاد وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن شادي شده جوڙا ٻارن لاءِ گهڻي وقت تائين هٿ تي هٿ رکي ويهڻ بدران جلد ڪلينڪ سان رابطو ڪن ته ڪاميابي جا امڪان تمام وڌيڪ هوندا آهن.
هن چيو ته سندن لاءِ سڀ کان وڌيڪ حيرت جوڳي ڳالهه اها هئي ته هڪ جوڙو اسان وٽ آيو، مڙس جو تعلق سنڌ جي شهر راڻيپور سان آهي، مڙس جو نالو ذوالفقار ۽ زال جو نالو مستجاب ذوالفقار آهي، مستجاب نالي عورت صحافين کي ٻڌايو ته ته سندن شادي کي 22 سال ٿي ويا هئا پر هو اڃا تائين اولاد جهڙي نعمت کان محروم هئا، انڪري ذوالفقار کي مون سان ٻي شادي ڪرڻي پئي پر ان باوجود اولاد نه ٿيو، ڪنهن صلاح ڏني ته آسٽريلين ڪانسيپٽ انفرٽيلٽي ڪلينڪ سان رابطو ڪريو، اسان ڪلينڪ سان رابطو ڪيو ۽ علاج کانپوءِ کين اولاد ٿيو، وڏو پٽ الفت آهي، جنهن جي عمر ست سال آهي، جنهن کانپوءِ ڌيءَ زينب ۽ آخري نياڻي شهزادي آهي، جنهن عمر هن وقت ست مهينا آهي.
ذوالفقار پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، سندس چوڻ آهي ته اسان کي وڌيڪ ٻار گهرجن، هن اسپتال ۾ وڌيڪ جوڙا اچي رهيا آهن.


عامر سجاد جو چوڻ آهي ته اسان ان حوالي سان باقاعده طور تي مذهبي ماڻهن سان ڳالهائيندا آهيون، اسان جي ڪلينڪ ۾ هر مڪتبه فڪر جا شادي شده جوڙا علاج لاءِ ايندا آهن، ڪڏهن ناڪام به ٿيندا آهيون ته ان ۾ الله جي رضا شامل هوندي آهي پر اسان جون ڪوششون جاري آهن، ڪلينڪ جي فيس تمام گهٽ آهي، چاهيون ٿا ماڻهو لاڀ حاصل ڪن.
عامر سجاد انڪشاف ڪيو ته عورتن کان وڌيڪ بي اولادي جو سبب مردن جي توليدي صلاحيت ۾ نقص آهي، جيڪو 60 سيڪڙو ٿئي ٿو، جڏهن ته عورتن منجهه اِهو نقص 40 سيڪڙو تائين آهي پر اسان جي معاشري ۾ عورت کي ئي بي اولادي جو سبب قرار ڏنو ويندو آهي، جيڪو سراسر غلط ۽ ناانصافي آهي.
هن چيو ته اسلام ۾ علاج ڪرائڻ جي روڪ ٽوڪ نه آهي، باقي اولاد ڏيڻ نه ڏيڻ رب جي هٿ وس آهي ۽ ان جي رضا کان سواءِ ڪجهه به ممڪن ناهي آهي، اسان صرف ڪوشش ڪري سگهيون ٿا، جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا بي اولادي جو حل ٻي شادي آهي ته اُهي غلط آهن، اسان اهڙن ماڻهن جي علاج لاءِ ئي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جي تنظيم بخوبي انداز ۾ پنهنجو فرض ادا ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.