ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا جي پهرين فتح، سريلنڪا جي شڪستن جي هيٽ ٽرڪ مڪمل

لکنئو (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ جي 14 هين ميچ ۾ آسٽريليا، سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.

ڀارتي شهر لکنئو جي اڪانا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا، سريلنڪا طرفان مليل 210 رنسن جو هدف هين اوور ۾ وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

آسٽريليا طرفان وڪيٽ ڪيپر بيٽر جوش انگلس ۽ مچل مارش ففٽيون اسڪور ڪيون، ٻنهي ترتيبوار 58 ۽ 52 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته مارنس لبيوشين 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، گلين ميڪسول 31 ۽ مارڪس اسٽوئنس 20 رنسون ٺاهيون.

سريلنڪا جي دلشان مڌوشانڪا 3 ۽ دونيٿ ولالاگي 1 وڪيٽ ورتي.

ان کان اڳ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 44 هين اوور ۾ 209 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.

سريلنڪا طرفان ڪوشل پريرا 78 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي ان کانسواءِ پاٿم نسانڪا 61 ۽ اسالنڪا 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ ٻه، ٻه ۽ گلين ميڪسويل هڪ وڪيٽ ورتي.

شاندار بالنگ تي ايڊم زمپا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.