” يا الله رحم ڪر“ عاطم اسلم فلسطينن جي حق ۾ پيغام جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي مشهور راڳي ۽ موسيقار عاطف اسلم اسرئايل جي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ وارن فلسطينن جي حق ۾ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.

غزا تي اسرائيل جي حملن جو اڄ نائون ڏينهن آهي، اسرائيل طرفان غزا جي پٽي تي وحشياڻي بمباري جاري آهي.

غزا جي صحت واري وزارت موجب چويهه ڪلاڪ دوران غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ ٽي سئو فلسطيني شهيد ۽ 800 زخمي ٿي پيا آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Atif Aslam (@atifaslam)

عاطف اسلم فلسطينن جي حق ۾ انسٽاگرام تي پيغام جاري ڪيو ته فلسطين ۾ معصوم جانين جي زيان تي ڏک آهي، اچو گڏجي بيهون.

هن وڌيڪ چيو ته فلسطين ۾ زخمين جي علاج ۽ رهائش لاءِ دعاگو آهيان، الله رحم فرما.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.