بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين چيو آهي ته اسرائيل پنهنجي فاع جيدائري کان ٻاهر ٿي عزا جي شهرين کي گڏيل سزا ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته غزا ۾ اسرائيلي فوج جون وڌندڙ ڪارروايون ”پنهنجي دفاع جي حق“ جي دائري کان ٻاهر ٿي چڪي آهي ۽ گڏيل قون کي ان کي سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي.
هن چيو ته اسرائيل هاڻي حماس جي حملي جي جواب ۾ غزا جي ماڻهن کي گڏيل سزا ڏيڻ بند ڪري. ڌريون صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ بنا دير ڳالهين جي ميز تي اچن.
چيني پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار سعودي هم منصب فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اهو رابطو ان وقت ٿيو جڏهن اسرائيل غزا ۾ زميني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي.
وانگ يي گذري ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي جنهن ۾ آمريڪا کان اسرائيل ۽ حماس تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار نڀائڻ جو مطالبو ڪيو هو.
واضح رهي ته چين ٻين عالمي ملڪن جي ابتڙ هيل تائين پنهنجي سرڪاري بيانن ۾ حماس جو نالو ناهي ورتو نه تشدد جو ذميوار قرار ڏنو آهي جنهن تي چين تنقيد به ڪئي آهي.
You might also like