ورلڊ ڪپ 2023 جو وڏو اپ سيٽ، افغانستان انگلينڊ کي مات ڏئي ڇڏي

دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ وڏو اپ سيٽ ٿي ويو، افغانستان جي ٽيم انگلينڊ کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 69 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دهلي ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي افغانستان جي ٽيم 49.5 اوورن ۾ 284 رنسن تي آل آئوٽ ٿي.
افغانستان طرفان رحمان الله گرباز 80 رنسن جي اننگز کيڏي، اڪرام علي خيل 58 رنسون ٺاهيون، ابراهيم زادران، مجيب الرحمان 28-28، راشد خان 23 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
انگلينڊ طرفان عادل رشيد 3، مارڪ ووڊ 2، ٽوپلي، ليونگسٽن ۽ روٽ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ انگلش بيٽر افغان بالرن اڳيان بي وس نظر آيا ۽ سموري ٽيم 40.3 اوورن ۾ 215 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلينڊ طرفان هيري بروڪ 66 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ڊيوڊ ملان 32، عادل رشيد 20، مارڪ ووڊ 18، روٽ 11، ليونگسٽن ۽ ڪيورن 10-10 رنسون ٺاهيون.
افغانستان طرفان مجيب الرحمان ۽ راشد خان 3-3، محمد نبي 2، فاروقي ۽ نوين الحق هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.