تيل اگهن ۾ 58 رپيا گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ رپئي جي اگهه ۾ واڌ سبب ايندڙ مهيني پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي ۽ اگهه 300 رپين کان گهٽجي ويندا.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 20 رپيا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول جي اگهه ۾ 38 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.

جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته اها سڀ کان وڏي گهٽتائي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.