مانسهره (ويب ڊيسڪ) مانسهره ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو.
خانگي ٽي وي موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3.8 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گهرائي 80 ڪلوميٽر ٻڌائي پئي وڃي.
زلزلي جو مرڪز مانسهره کان 8 ڪلوميٽر پري هو.
زلزلي کانپوءِ ماڻهو پنهنجن گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا، زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.