پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ ڪرڪيٽ نقاد شعيب اختر، آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ ڀارت خلاف تازي ميچ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان ميچ ۾ صرف 191 رنسون ٺاهي سگهيو.
اختر هڪ بهترين بيٽنگ پچ تي کيڏڻ جو موقعو ضايع ڪرڻ تي ٽيم تي تنقيد ڪئي.
هن پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪندي ٽوئيٽر تي لکيو ته ”عظيم بيٽنگ واري وڪيٽ تي ڪهڙو موقعو ضايع ڪيو، مايوسي، ڏاڍي مايوسي“.
مايوس ڪندڙ پرفارمنس باوجود اختر مداحن تي زور ڏنو ته هو پرسڪون ۽ پراميد رهن.